پاڪستان ۽ ٻيٽ نما ملڪ مائيڪرونيشيا وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم

نيويارڪ : پاڪستان ۽ مغربي پئسفڪ ۾ واقع ٻيٽ نما ملڪ مائڪرونيشيا باضابطه طور تي سفارتي لاڳاپا قائم ڪري ورتا آهن.گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد ۽ وفاقي رياستن مائڪرونيشيا جي مستقل نمائندي سفير جم ايس لپ وي نيويارڪ ۾ هڪ گڏيل پڌرنامي تي دستخط ڪيا، جنهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي باضابطه بڻايو.دستخط جي تقريب گڏيل قومن ۾ پاڪستان مشن ۾ منعقد ڪئي وئي ۽ ٻنهي ملڪن جي سفارتڪارن شرڪت ڪئي، جن ۾ پاڪستان جو ڊپٽي مستقل نمائندو سفير عثمان جدون به شامل هو.ان موقعي تي ڳالهائيندي سفير عاصم افتخار احمد چيو ته هو تمام گهڻو خوش آهي ته پاڪستان جي آزادي جي ڏينهن جي موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿي رهيا آهن. هن چيو ته اهي لاڳاپا انساني وسيلن جي انتظام، صلاحيت جي تعمير ۽ موسمياتي تبديلي جهڙن شعبن ۾ تعاون جا نوان رستا کوليندا.عاصم افتخار احمد وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جا مشن گڏيل قومن ۾ بين الاقوامي امن ۽ سلامتي جي فروغ سميت اهم معاملن تي ويجهي تعاون ڪندا.هن خوشي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان 100 هون ملڪ آهي جنهن سان مائڪرونيشيا جي وفاقي رياستن لاڳاپا قائم ڪيا آهن.ٻئي طرف، سفير جم ايس لپ وي ٻطرفي لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جي شروعات تي خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اهو سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته هو پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪري ۽ پاڪستان سان دوستي ۽ ڀائيواري جي هن سفر کي باضابطه طور تي شروع ڪري.هن پنهنجي ملڪ ۾ گڏيل قومن جي آفيسن کي کولڻ ۾ پاڪستان جي حمايت جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته هو دوستي جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجي پاڪستاني هم منصب سان ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي.هن پاڪستان جي آزادي جي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪباد پڻ ڏني.تقريب کان اڳ، ٻنهي سفيرن هڪ مختصر ملاقات پڻ ڪئي، جنهن دوران انهن باهمي دلچسپي جي معاملن تي بحث ڪيو، جنهن ۾ ٻطرفي ۽ گڏيل قومن جي فورمن تي ممڪن تعاون شامل آهي.