روبوٽڪ زراعت، ذائقيدار ڀاڄيون ۽ ميوا ٿوري وقت ۾ تيار ٿيندا

بيجنگ: چيني سائنسدانن جين ايڊيٽنگ ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل روبوٽڪس جي گڏيل حڪمت عملي سان نون هائبرڊ فصلن جي تياري جي رفتار کي پنج ڀيرا تيز ڪري ڇڏيو آهي. جين ايڊيٽنگ ذريعي اهڙا ٻوٽا تيار ڪيا ويا جن جا حصا روبوٽ لاءِ وڌيڪ آسان هجن، جنهن سان نون نسلن جي بريڊنگ هٿ سان ٿيندڙ روايتي طريقي کان گهڻو تيزيءَ سان ٿي سگهي ٿي. جين ايڊيٽنگ بعد پيدا ٿيندڙ سبزين ۽ فروٽ جي ذائقي ۾ به مزو اچي ٿو. هن ٽيم جينياتي ٽيڪنالاجي، اي آءِ ۽ روبوٽڪس کي گڏ ڪري هڪ “ذھين بريڊنگ فيڪٽري” تيار ڪئي، جنهن سان بهتر ذائقي، بيمارين ۽ موسمي دٻاءَ جي مزاحمت رکندڙ هائبرڊ قسمن کي صرف هڪ سال ۾ تيار ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته ماضي ۾ ان لاءِ پنج سال لڳندا هئا. هن طريقي سان انساني محنت جا وڏا خرچ به گهٽ ٿيندا. ٽيم پنهنجي سائنسي مقالي ۾، جيڪو سومر تي جريدہ Cell ۾ شايع ٿيو، لکيو آهي ته: “اي آءِ ٽيڪنالاجيز جو انضمام زرعي نظام ۾ انقلابي تبديلي آڻي رهيو آهي، ۽ روبوٽڪس جي استعمال جو دائرو صحيح ۽ نئين دور جي زراعت ۾ وڌي رهيو آهي۔” اي آءِ تي ٻڌل روبوٽ اڳ ۾ ئي پوک، گوڏي ڪرڻ، زهر ڇٽڻ، بيماري جي نگراني ۽ فصل ڪٽڻ لاءِ استعمال ٿين ٿا، پر ٻوٽن جي بريڊنگ ۾ روبوٽ جي استعمال کي ڪجهه رڪاوٽن جو منهن ڏسڻو پوندو هو. ڪيتريون ئي فصلون اهڙن گلن سان هونديون آهن جن ۾ “اسٽگما” (مادي حصو جيڪو پولن گڏ ڪري ٿو) اندر لڪل يا ڍڪيل هوندو آهي، جنهن ڪري هائبرڊ بريڊنگ لاءِ يا ته جيتن يا ڪيڙن تي ڀاڙڻو پوندو آهي يا انساني هٿ سان ان کي کولڻو پوندو آهي. انساني محنت سان “ايماسڪيوليشن” (پولن پيدا ڪندڙ حصو هٽائڻ) پڻ ڪئي ويندي آهي ته جيئن پاڻمرادو پولينيشن نه ٿئي، جيڪو جينياتي تنوع کي گهٽائي ٿو. چين ۾ هائبرڊ بريڊنگ جي خرچن جو 25٪ کان وڌيڪ صرف ايماسڪيوليشن ۽ پولينيشن تي ايندو آهي، خاص ڪري ٽماٽن جهڙين خاص فصلن ۾ جتي گهڻا تجارتي ٻج هائبرڊ هوندا آهن. ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سائنسدانن جين ايڊيٽنگ ذريعي اهڙيون “نر بانجھ” ٽماٽن جون قسمن ٺاهيون جن ۾ اسٽگما ٻاهر نڪتل هجي ۽ روبوٽ لاءِ آسان هجي۔ ساڳي ٽيڪنالاجي سان سويا بين جا اهڙا قسم به تيار ڪيا ويا جن جي گلن جي جوڙجڪ تنگ هئڻ سبب پولينيشن مشڪل هئي. چيني اڪيڊمي آف سائنسز، شنگھائي جياو ٽانگ يونيورسٽي ۽ سنگھوا يونيورسٽي جي ماهرن، اي آءِ ۽ روبوٽڪس کي گڏ ڪندي اهڙو روبوٽ تيار ڪيو جيڪو پاڻمرادو گلن جي سڃاڻپ ڪري، اسٽگما جي جڳهه جو 3D اندازو لڳائي، ۽ پولينيشن ڪري سگهي ٿو. هن روبوٽ کي “جي اي اي آءِ آر” (Genome Editing with Artificial Intelligence-based Robot) نالو ڏنو ويو آهي، ۽ اهو دنيا جو پهريون اهڙو بريڊنگ روبوٽ آهي جيڪو پاڻمرادو پيٽرولنگ ۽ ڪراس پولينيشن ڪري سگهي ٿو. ٽيم هڪ ڊيپ نيورل نيٽورڪ ماڊل تيار ڪيو جنهن کي هزارين تصويرون ڏيئي سکيا ڏني وئي، نتيجي ۾ اهو پولينيشن لاءِ تيار گلن جي سڃاڻپ ۾ 85٪ درستگي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هڪ گل جي پولينيشن ۾ لڳ ڀڳ 15 سيڪنڊ لڳندا آهن، جيڪو هٿ سان ڪرڻ کان ٽي ڀيرا تيز آهي. تجارتي ٽماٽن جي گرين هائوس ۾ ڪيل ٽيسٽ ۾ روبوٽ جو ڪاميابيءَ جو تناسب 78٪ رهيو، جڏهن ته هٿ سان اها شرح لڳ ڀڳ 92٪ هئي، پر روبوٽ جي لڳاتار ۽ خودڪار ڪم ڪرڻ جي صلاحيت انسان کان وڌيڪ اثرائتي ۽ مسلسل آهي. ماهرن هن ٽيڪنالاجي کي جهنگلي ٽماٽن تي به آزمايو آهي، جنهن سان سال ۾ پنج نسلون تيار ٿي سگهيون، نتيجي ۾ اهڙو والديني قسم تيار ٿيو جيڪو ڪلراٺي ۽ الڪلي زمين کي برداشت ڪري سگهي ٿو ۽ وڌيڪ ذائقيدار هجي ٿو. انهيءَ طريقي سان جهنگلي نسلن مان نيون هائبرڊ قسمن جي تياري جو وقت پنج سالن مان گهٽائي صرف هڪ سال ڪيو ويو۔ ٽيم موجب، “هي ثابت ڪري ٿو ته جي اي اي آءِ آر، تيز بريڊنگ ۽ نون نسلن جي جينياتي ترتيب کي گڏ ڪرڻ سان اعليٰ معيار جون فصلون تمام گهٽ وسيلن سان تيار ڪري سگهجن ٿيون.”

Robotic agriculture