قومي ٽيم جي پرو هاڪي ليگ ۾ شرڪت جو فيصلو هڪ جلد متوقع

لاهور: پرو هاڪي ليگ ۽ ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان هاڪي ٽيم جي شرڪت بابت فيصلو ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن ۾ متوقع آهي.پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي ذريعن موجب، فيڊريشن کي 18 آگسٽ تائين انٽرنيشنل هاڪي فيڊريشن کي آگاهه ڪرڻو آهي، تنهن ڪري پرو هاڪي ليگ ۾ پاڪستان هاڪي ٽيم جي شرڪت بابت فيصلو 18 آگسٽ تائين متوقع آهي.پي ايڇ ايف ذريعن جو چوڻ آهي ته جواب ڏيڻ لاءِ 3 کان 4 ڏينهن آهن، مثبت پيش رفت ٿي رهي آهي، حڪومت کان سٺو جواب مليو آهي، ناڻي واري وزارت سان به ملاقاتون جاري آهن، 1-2 وڌيڪ ملاقاتون ٿينديون ۽ ان کان پوءِ فيصلو ڪيو ويندو.ذريعن موجب، هن وقت ايشيا ڪپ لاءِ ڀارت وڃڻ جو ڪو امڪان ناهي، رانديگرن کي ايشيا ڪپ بابت ڪجهه به نه ٻڌايو ويو آهي، باضابطه اعلان 2-3 ڏينهن ۾ ڪيو ويندو.پي ايڇ ايف جي ذريعن موجب، اسان کي به ايشيا ڪپ ۾ دلچسپي ناهي، اسان کي پهريان پنهنجي ملڪ کي ڏسڻو پوندو.