يروشلم : اسرائيلي سيڪيورٽي ڪابينا وزيراعظم نيتن ياهو جي غزه تي فوجي قبضي جي تجويز کي منظور ڪري ورتو آهي.اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو آمريڪي ميڊيا سان هڪ انٽرويو ۾ چيو ته هو پنهنجي سيڪيورٽي لاءِ غزه جي سڀني علائقن جو ڪنٽرول وٺڻ چاهي ٿو.اسرائيلي وزيراعظم چيو ته هو غزه تي حڪومت ڪرڻ نٿو چاهي ۽ غزه کي هڪ شهري حڪومت جي حوالي ڪندو. فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس اسرائيلي وزيراعظم جي بيان جي مذمت ڪئي آهي، ان کي غزه جنگ بندي ڳالهين تي “خوني رات” قرار ڏنو آهي.حماس هڪ بيان ۾ واضح ڪيو ته اهي اسرائيل کي ڪڏهن به غزه تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا.حماس جو چوڻ آهي ته اسرائيل جو اصل مقصد فلسطينين جو قتل عام ۽ بي گهر ڪرڻ آهي، نتنياهو پنهنجي مفادن لاءِ يرغمالين کي قربان ڪرڻ چاهي ٿو، مزاحمتي تنظيم موجب، اهي آخر تائين دشمن سان وڙهندا رهندا.