ڀارتي بچاءَ واري وزير جو آمريڪا جو طئي ٿيل دورو رد، آمريڪي هٿيارن جي خريداري وارو منصوبو به روڪيو ويو

نئين دهلي/واشنگٽن: ڀارت آمريڪا کان هٿيار ۽ جهاز خريدڻ واري منصوبي تي عمل روڪي ڇڏيو.
برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ڀارت آمريڪا کان اسٽرائيڪر وهيڪلز، جيولين ميزائل۽ بوئنگ جهازن سميت هٿيار خريدڻ جا منصوبا روڪي ڇڏيا.
رپورٽ ۾ ڀارتي اختيارين جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو ويو ته ڀارت هٿيارن جي خريداري بابت ڳالهين کي ٻيهر شروع ڪرڻ کان اڳ آمريڪا جي ٽيرف تي وضاحت جي اوسيئڙي ۾ آهي.
رپورٽ موجب، آمريڪا کان هٿيار خريدڻ بابت معاهدي جو اعلان ڀارتي بچاءَ واري وزير جي آمريڪا دوري دوران ٿيڻو هو، پر ڀارتي بچاءَ واري وزير آمريڪا جو طئي ٿيل دورو رد ڪري ڇڏيوآهي.
ٻئي پاسي ڀارتي بچاءَ کاتي جي اختيارين پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز جي رپورٽ کي غلط ۽ من گھڙت قرار ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا کان هٿيار خريدڻ جا معاملا موجوده طريقيڪار تحت جاري آهن.

The Indian Defense Minister's scheduled visit to the United States has been canceled