ڏُکَ ڳالهائي، لکي يا روئي ونڊڻ گهرجن: صبا قمر

ڪراچي : اداڪارا صبا قمر مداحن ۽ عوام کي صلاح ڏني آهي ته بهتر صحت ۽ زندگي لاءِ ننڍپڻ جي صدمن، دل جي زخمن ۽ ٻين پريشانين کي اندر منجهه دٻائي رکڻ بدران ظاهر ڪرڻ گهرجي.
پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ جذباتي نوٽ لکندي صبا قمر چيو ته ” ننڍپڻ جي صدمن، دل جي ٽٽڻ ۽ جذباتي تڪليف ڪا خيالي ڳالهه ناهي، اِهي حقيقي زخم آهن، جيڪي جيڪڏهن نظرانداز ڪرڻ سان اندر ۾ گهر ڪري ويهي رهن ٿا ۽ پوءِ جسم ۽ ذهن ٻنهي تي اثر انداز ٿين ٿا.“
سندس چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو ڏک، غم يا ننڍپڻ جا صدما ساڻ کڻي هلن ٿا، کين ڄاڻڻ گهرجي ته اهو ٻوجهه جسم کي به اوترو ئي متاثر ڪري ٿو جيترو ذهن کي.
صبا قمر وڌيڪ چيو ته ٻيل جذبن، ڏک ۽ دٻاءُ پاڻمرادو ختم ناهن ٿيندا، اهي اندر ئي اندر ذهني ۽ جسماني صحت، روح ۽ توانائي کي کائي ويندا آهن.
هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته اهنجن ۽ درد کي نيڪالي ڏيڻ گهرجي، ڀلي ڪنهن سان ڳالهائي، لکي يا روئي اندر جو احوال اظهارڻ گهرجي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته انسان جي جسماني ۽ ذهني صحت پاڻ ۾ جڙيل آهن ۽ ٻئي املهه آهن، پاڻ سان محبت ڪريو، پنهنجو خيال رکو، ڇوته آخر ۾ پاڻ کي ئي پاڻ بچائڻو پوندو.
صبا قمر پنهنجي ذاتي تجربي جو حوالو ڏيندي چيو ته هوءَ نٿي چاهي ته ماڻهو انهيءَ ٽٽڻ واري مقام تائين پهچن، جتي هوءَ پهتي هئي.
ياد رهي ته صبا قمر اڳ به ڪيترائي ڀيرا ذهني صحت بابت تفصيلي ڳالهائي چڪي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ خبر آئي هئي ته هوءَ شوٽنگ دوران بيهوش ٿي پئي هئي ۽ دل ۾ تڪليف سبب اسپتال منتقل ڪئي وئي، جتي مبينا طور سندس اينجيوگرافي به ڪئي وئي.

Sad conversations