اسلام آباد :بچاءَ واري وزير خواجا آصف جهاز ڪيرائڻ جي ڀارتي دعويٰ تي ردعمل ۾ ٻنهي ملڪن جي جهازن جي موجوده ذخيري جي آزاداڻي جاچ جو چيلينج ڏئي ڇڏيو.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته ڀارت پاڪستان جو ڪو به جهاز نه ڪيرايو نه تباهه ڪيو، ڀارتي ايئر فورس سربراهه جي دير سان دعويٰ جيتري گهٽ عقلي آهي ايتري ئي غير موزون وقت تي ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته پاڪستان فوري طور عالمي ميڊيا کي تفصيلي ٽيڪنيڪي بريفنگ ڏني ۽ غير جانبدار مبصرن رافيل سميت ڪيترن ئي ڀارتي جهازن کي نقصان جو اعتراف ڪيو، ڀارتي جهازن جي تباهي جون اهي خبرون مختلف ذريعن کان آيون، جن ۾ عالمي اڳواڻن، ڀارتي سياستدانن جا بيان ۽ پرڏيهي انٽيليجنس جائزن ۾ اعتراف شامل هئا.
سندس چوڻ هو ته 6 ڀارتي جهازن، ايس 400 فضائي نظام کي تباهه ڪيو، پاڪستان ڀارت جا ڊرون تباهه ڪيا ۽ تيزي سان ڪيترن ئي ڀارتي فضائي اڏن کي به ناڪارا بڻايو، لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جو گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو.
خواجا آصف چيو ته جيڪڏهن حقيقت تي سوال آهي ته ٻئي ملڪ پنهنجي جهازن جي موجوده ذخيري جي آزاداڻي تصديق ڪرائين، ڇو ته آزاداڻي تصديق سان اهي حقيقتون ظاهر ٿينديون، جيڪي ڀارت لڪائڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته جنگيون ڪوڙ سان نه پر اخلاقي سرسي، قومي عزم، پيشيوراڻي مهارت سان کٽيون وينديون آهن، ان قسم جا مزاحيا بيانيا اندروني سياسي فائدي لاءِ ٺاهيا ويندا آهن ۽ اهڙا بيانيا هڪ ايٽمي خطي ۾ اسٽريٽجڪ غلطي جي سنگين خطرن کي وڌائي ڇڏيندا آهن.
بچاءَ واري وزير چيو ته پاڪستان جي خود مختياري جي ڀڃڪڙي جو جواب ڏنو ويندو، پاڪستان جي علائقائي سلامتي جي هر ڀڃڪڙي جو تڪڙو، يقيني ۽ مناسب جواب ڏنو ويندو ۽ پاڪستان آپريشن بنيان مرصوص دوران اهو سڀ ثابت ڪيو آهي، ڪنهن به ڇڪتاڻ جي سموري ذميواري ان جي اسٽريٽجڪ طور تي انڌي اڳواڻن تي لاڳو ٿيندي، جيڪي رڳو وقتي سياسي فائدي لاءِ ڏکڻ ايشيا جي امن سان جوا کيڏندا آهن.