واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين سان ٽيرف (ٽيڪس) معاهدي ۾ 3 مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي. غير ملڪي خبرن جي اداري موجب، چين-آمريڪا ٽيرف معاهدي جو مدو اڄ ختم ٿيڻ وارو هو، پر ٽرمپ صدارتي حڪم تي صحيح ڪندي چين سان ٽيرف معاهدي ۾ 3 مهينن جي واڌ جي منظور ڏني ۽ 10 نومبر تائين اها و موثر رهندي. خابرو اداري مطابق، جنوري ۾ ٽرمپ چيني درآمدات تي 145 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو هو. جواب ۾ چين آمريڪي درآمدات تي 125 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو، پوءِ مئي ۾ معاهدي تحت آمريڪا ٽيرف ۾ 30 سيڪڙو ۽ چين 10 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي هئي. ٻنهي ملڪن ۾ ٽيرف بابت ڳالهيون جاري آهن. واشنگٽن ۾ چين جي سفارتخاني جي ترجمان ان قدم کي ساراهيندي چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل مفادن بابت ڳالهيون جاري رکندا.