وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪار ڪير ؟ محسن گيلاني جو انڪشاف

ڪراچي: سينئر پاڪستاني اداڪار محسن گيلاني انڊسٽري ۾ سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪار جو نالو ظاهر ڪيو آهي.اداڪار هجڻ سان گڏ، محسن گيلاني هڪ ڊائريڪٽر ۽ ليکڪ پڻ آهي ۽ حڪومت طرفان سندس خدمتن جي عيوض کيس ‘پرائيڊ آف پرفارمنس’ سان نوازيو ويو آهي.تازو، سينئر اداڪار محسن گيلاني هڪ انٽرويو ڏنو جتي هن انڊسٽري بابت ڳالهايو.ميزبان سوال پڇيو ته انڊسٽري ۾ ڪهڙو اداڪار سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندو آهي؟ هن سوال جي جواب ۾ سينئر اداڪار چيو ته انڊسٽري ۾ صرف هڪ ئي هيرو آهي جيڪو سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندو آهي، اهو فواد خان آهي ۽ ان کي به وڌيڪ معاوضو ملڻ گهرجي.