اسلام آباد: ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي سان سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ ۽ شهرين جي بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ عدليه ۽ انتظاميه وچ ۾ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو ويو.
سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ملاقات ۾ چيف جسٽس انصاف تائين پهچ ۾ بهتري عدالتي نظام جي جديد ڪاري، ٽيڪس بابت ڪيسز جي درجه بندي جي باري ۾ قدمن کي اجاگر ڪيو. ملاقات ۾ چيف جسٽس ٽيڪنالاجي تي ٻڌل اصلاحات جي ذريعي سروس ڊليوري ۾ بهتري جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي جاري قدمن کي اجاگر ڪيو. متبادل تڪرارن جي حل جي نظام جي ڪاميابي کي يقيني بنائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. متبادل تڪرارن جي حل جو نظام ٽيڪس بابت تڪرارن جي وقت تي حل جي لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي، چيف جسٽس انهي نظام کي حقيقي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ حڪومتي تعاون جي اهميت کي هڪ دفعو ٻيهر ورجايو.
چيف جسٽس وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو ته هن وقت جوڊيشل اڪيڊمي ۾ عدالتي آفيسرن ۽ ايس اي سي پي جي ميمبرن لاءِ تربيتي سيشن جاري آهن. چيف جسٽس پاڪستان جلد ئي مسابقتي ڪميشن آف پاڪستان جي آفيسرن کي به انهي نوعيت جي تربيت ڏيڻ جو منصوبو آهي. وفاقي وزير عدليه جي اصلاحاتي ايجنڊا جي تعريف ۽ عدالتي ترقياتي منصوبن جي لاءِ گهربل وسيلن جي وقت تي فراهمي ۾ حڪومت جي مسلسل تعاون جي يقين دهاني ڪرائي.