بلوچستان ۾ انٽرنيٽ ڊيٽا سروس هفتي کان معطل، صارفين پريشان

ڪوئيٽا: بلوچستان ۾ هڪ هفتي لاءِ موبائل فون انٽرنيٽ ڊيٽا سروس معطل ڪئي وئي آهي.صوبي ۾ هڪ هفتي لاءِ موبائل فون انٽرنيٽ ڊيٽا سروس جي معطلي سبب صارفين کي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن.ان حوالي سان صوبائي حڪومت جي ترجمان چيو ته ڊيٽا انٽرنيٽ دهشتگرد تنظيمن سان رابطي کي آسان بڻائي ٿو.ترجمان موجب، دهشتگرد واقعن جي نتيجي ۾ موبائل فون انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ آگسٽ جي مهيني ۾ صوبي ۾ موبائل فون ڊيٽا انٽرنيٽ سروس معطل رهندي.

Internet data service suspended for a week in Balochistan