روس کان تيل خريد ڪرڻ بند نه ڪيو وڌيڪ ٽيرف لاءِ تيار رهو: ٽرمپ چين کي آگاهه ڪري ڇڏيو

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اقتصادي، واپاري ۽ عالمي سياسي معاملن تي اهم بيان ڏنا آهن، صدر ٽرمپ اعلان ڪيو ته مائيڪرو چپس ۽ سيمي ڪنڊڪٽرز تي 100 سيڪڙو ٽيرف لڳايو ويندو ته جيئن آمريڪي معيشت کي هٿي ڏئي سگهجي.

صدر ٽرمپ چيو ته ڀارتي حڪومت کي روس کان تيل خريد ڪرڻ جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن ڀارت روسي تيل جي خريداري بند نه ڪئي ته انهي تي وڌيڪ واپاري پابنديون ۽ ٽيرف لاڳو ڪيا ويندا.

صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٽرمپ چيو ته روس کان تيل خريد ڪرڻ سبب چين تي به وڌيڪ سخت پابنديون لڳائي سگهجن ٿيون جڏهن ته روس تي  ٽيرف جو تعين بعد ۾ ڪنداسين. هن چيو ته ڀارت تي 50 سيڪڙو ٽيرف لڳايو ويو آهي ۽ آئنده وڌيڪ سخت قدم کڻڻ جو امڪان آهي.

صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته اسان جي معاشي پاليسين جي نتيجي ۾ آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪي آهي. مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ پگهارن ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي. ٽرمپ موجب ايپل سميت ڪيتريون ئي وڏيون ڪمپنيون آمريڪا واپس اچي رهيون آهن، ملڪ ۾ سوين ارب ڊالر جي سرمائيڪاري ٿي رهي آهي.

صدر ٽرمپ بگ بيوٽي بل جي منظوري کي معيشت ۾ بهتري جو وڏو سبب قرار ڏنو ۽ چيو ته ايپل وڌيڪ 100 ارب ڊالر جي سرمائيڪاري ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اوهان آمريڪا ۾ مصنوعات ٺاهيندو ته انهي تي ڪوبه اضافي چارج نه هوندو.

عالمي معاملن تي ڳالهيون ڪندي صدر ٽرمپ انڪشاف ڪيو ته هن ايراني، اسرائيلي ۽ ٻيون 5 جنگيون ختم ڪرائي ڇڏيون آهن جڏهن ته روسي صدر ولادي مير پيوٽن سان تازو ٿيندڙ ڳالهين کي به مثبت قرار ڏنو پر هن اهو به چيو ته مان انهي کي بريڪ ٿرو نه چوندس. صدر ٽرمپ جارجيا ۾ فوجي اڏي تي حملي جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته انهي واقعي ۾ 2 ڄڻا سخت زخمي ٿيا آهن جن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

يوڪرين جنگ تي ڳالهيون ڪندي صدر ٽرمپ الزام لڳايو ته اها جنگ جوبائيڊن جي پاليسين جو نتيجو آهي جنهن جي ڪري اڄ به اتي فوتگيون ٿي رهيون آهن. صدر وڌيڪ چيو ته مان سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ عرب ملڪن سميت ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪري چڪو آهيان ۽ ٽيرف جي ذريعي  آمريڪا ۾ اربين ڊالر اچي رهيا آهن جيڪو اسان جي معاشي خودمختاري طرف اهم قدم آهي.

Russia did not stop buying oil