لاهور هڪ گهر مان ڇهه فوٽ ڊگهو نانگ پڪڙيو ويو

لاهور ؛ گڙهي شاهو ، صديق ڪالوني ۾ 6 فوٽ ڊگهو نانگ هڪ گهر مان نڪري آيو ، جنهن سبب ماڻهن ۾ خوف و حراس پيدا ٿي ويو.
تفصيل موجب لاهور جي علائقي گڙهي شاهو جي صديق ڪالوني ۾ هڪ وڏو نانگ گهر مان نڪري آيو ، جنهن ماڻهن کي خوفزده ڪري ڇڏيو ، گهر جي مالڪن پاران ريسڪيو ون ون ٽو جي ٽيم کي فوري طور تي طلب ڪيو ويو جنهن 6 فوٽ 11 انچ ڊگهي نانگ کي پڪڙي ورتو
ريسڪيو ٽيم جو چوڻ آهي ته پڪڙيل نانگ کي اڄ لاهور جي چڙيا گهر حوالي ڪيو ويندو.