!!مريض ايمبولينس هلائي فرار

جده: هڪ منفرد واقعو جده جي ڪنگ عبدالعزيز اسپتال ۾ پيش آيو جتي مريض آرام سان ايمبولينس اسٽارٽ ڪرڻ بعد ان کي هلائي فرار ٿي ويو.
ايمبولينس چوري جو واقعو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي چڪو آهي. واقعو تڏهن پيش آيو جڏهن حلال احمر جي ميڊيڪل ٽيم هڪ مريض کي اسپتال منتقل ڪيو.
ان دوران ، مريض ايمبولينس ۾ سوار ٿيو ۽ سيڪيورٽي گارڊن جي مزاحمت باوجود ايمبولينس سان گڏ فرار ٿي ويو..
پرڏيهي خابرو اداري العربيا نيٽورڪ موجب ، چوري سي سي ٽي وي ڪيمرا جي مدد سان رڪارڊ ڪئي وئي.