ڪراچي ۾ بدترين لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري، شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا

ڪراچي:ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بدترين لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برساتن کان پوءِ معطل ٿيل بجلي اڃان تائين بحال نه ٿي سگهي آهي. شادمان ٽائون سيڪٽر 14، بي ۽ اي ۾ بجلي 12 ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ به بحال ناهي ٿي سگهي.

نارٿ ناظم آباد بلاڪ اي ۽ بلاڪ بي پهاڙ گنج، ڪٽي پهاڙي ۾ به ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بجلي جي فراهمي بند آهي. حيدري ۽ ڪي ڊي اي چورنگي جي طرف وارن علائقن ۾ به بجلي معطل آهي.

ايف سي ايريا، لياقت آباد ۽ ناظم آباد ۾ 16 ڪلاڪن بعد بجلي بحال ڪئي وئي. جڏهن ته اورنگي ٽائون، بنارس ۽ بلديه ۾ به 10 ڪلاڪن کان بجلي جي فراهمي معطل آهي.

هوڏانهن ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته برسات جو پاڻي مختلف علائقن ۾ بيٺل هجڻ سبب بجلي بحال ناهي ٿي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔