پ پ حڪومت رڳو ڪراچي نه، سموري سنڌ ۾ تباهي ڪري ڇڏي آهي: خرم شير زمان

ڪراچي : پ پ حڪومت رڳو ڪراچي نه، سموري سنڌ ۾ تباهي ڪري ڇڏي آهي، پ پ جي وزيرن کي چوڙيون ۽ پَوتـِي پائي گهر ويهاريو، حڪومت هلائڻ سندن وس جي ڳالهه نه آهي، پي ٽي آءِ ايم پي اي جي ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ بدترين صورتحال تي پ پ حڪومت مٿان ڇتي تنقيد، خرم شيرزمان نالن جي صفائي لاءِ جاري ٿيل سوا ارب ڊالرز جي آڊٽ ڪرائڻ لاءِ ورلڊ بئنڪ کي خط لکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته 12 سال گذرڻ باوجود پ پ سرڪار نه نالا صفائي ڪرائي سگهي ۽ نه ئي حددخليون هٽائي سگهي، شرجيل ميمڻ، ڄامشورو، سعيد غني ۽ ناصر شاهه جو گروپ سڄو صوبو هلائي رهيا آهن، لڳي ٿو مراد علي شاهه صاحب جي گُم ٿيڻ جا پوسٽرز لڳائڻا پوندا، سندس وزير ڪم نٿا ڪري سگهن، مراد علي شاهه صاحب! توهان کي گجر نالي جو دورو ڪرڻ گهرجي ۽ اُنهن ماڻهن جي گهرن جا به دورا ڪريو،جِن جا گهر پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔