ڪراچي ۾ ڊي ايس پي گلبهار جي آفيس تي دستي بم سان حملو

ڪراچي :ڪراچي ۾ ڊي ايس پي گلبهار جي آفيس تي دستي بم سان حملو، موٽر سائيڪل سوار دهشتگردي دستي بُم اُڇلي فرار ٿي ويا، خوشقسمتيءَ سان دستي بم ڦاٽي نه سگهيو، بم ڊسپوزل اسڪواڊ پهچي بم کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ويسٽ کان تفصيل طلب ڪري ورتا، حملو ڪندڙ جوابدارن جي فوري گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔