ملڪ ۾ وڌيڪ هڪ هزار ٻه سئو9 ماڻهو ڪورونا جو شڪار

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ مسلسل گهٽ ٿي رهيو آهي ۽ هاڻ فعال ڪيسن جو انگ 44 هزار اٺ سئو چوونجاهه تائين رهجي ويو آهي.

نينشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 22 هزار کان وڌيڪ ٽيسٽ ڪيا ويا، سنڌ ۾ 9824، پنجاب ۾ 7386، خيبرپختونواهه ۾ 1977، اسلام آباد ۾ 2351، بلوچستان ۾ 76، گلگت بلتستان ۾ 71 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 341 ڪيا ويا.

گذريل 24 ڪلاڪن ۾ هڪ هزار 209 ماڻهن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي، اهڙيءَ طرح ڪورونا جي تصديق ٿيل مريضن جو گڏيل انگ 2 لک 70 هزار کان وڌي ويو آهي.

2 لک 19 هزار 783 مريض ٺيڪ ٿي ويا آهن جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 44 هزار 854 آهي.

سنڌ ۾ تصديق ٿيل مريضن جو انگ هڪ لک 15 هزار 883 ٿي ويو آهي، پنجاب ۾ 91 هزار 423، خيبرپختونخواهه ۾ 32 هزار 898، بلوچستان ۾ 11 هزار 523، اسلام آباد ۾ 14 هزار 766، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ هڪ هزار 989 ۽ گلگت بلتستان ۾ هڪ هزار 918 تصديق ٿيل مريض آهن.

نينشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا سبب 54 ماڻهن جون فوتگيون ٿيون جنهن بعد فوتگين جو گڏيل انگ 5763 ٿي ويو آهي، پنجاب ۾ 2 هزار 105، سنڌ ۾ 2 هزار 96، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار 169، اسلام آباد ۾ 162، بلوچستان ۾ 136، آزاد ڪشمير ۾ 49 ۽ گلگت بلتستان ۾ 46 ماڻهو ڪورونا جي ڪري اجل جو شڪار ٿي ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔