زوم سڀني کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ٿيندڙ ايپ بڻجي وئي

لنڊن: جيئن ته اسان سڀني کي خبر آهي ته لپ سنڪنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ کي سڄي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ڪئي ويندڙ ايپ جو اعزاز حاصل هو پر هاڻ زوم ٽڪ ٽاڪ کان اهو اعزاز کسي ورتو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب وڊيو ڪالنگ ايپ زوم کي(اپريل جون) 2020 دوران 300 ملين ڀيرا ڊائو لوڊ ڪيو ويو آهي. وڊيو ڪالنگ ايپ زوم جي مشهوري ۾ واڌ جو خاص سبب عالمي وبا ڪورونا وائرس آهي جنهن سبب سمورا ماڻهو گهرن ۾ رهي آن لائن ڪم جي دوران زوم جو استعمال ڪري رهيا آهن. سڄي دنيا ۾ اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽين سميت ٻين ادارن ۾ آن لائن ڪلاس ۽ ميٽنگز جي لاءِ وڊيو ڪالنگ ايپ زوم جو استعمال ڪيو پيو وڃي.زوم ايپل اسٽور تي به ٽڪ ٽاڪ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي جتي هاڻ ايپ کي 94 ملين ڀيرا ڊائون لوڊ ڪيو ويو. جڏهن ته ٽڪ ٽاڪ کي 71 ملين ڀيرا ڊائون لوڊ ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔