بلاول کي جيڪڏهن ڪجهه به ٿيو ته ان جو ذميوا عمران خان هوندو:سنڌ حڪومت

ڪراچي: پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو کي طالبان دهشتگرد احسان الله احسان طرفان ڏنل ڌمڪين بعد سنڌ حڪومت وفاق کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد احسان الله احسان جي خلاف فوري ڪارروائي ڪري ان جي خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.

صوبائي وزير اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو کي جيڪڏهن ڪجهه به ٿيو ته ان جو ذميوار عمران خان هوندو، بلاول ڀٽو بيان عمران خان جي خلاف ڏنو هو ڌمڪي احسان الله احسان ڇو ڏني، هن چيو ته بلاول ڀٽو کي ڏنل ڌمڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، ان ڌمڪي جي اسلام آباد يا بني گالا کان ڪنهن به مذمت ناهي ڪئي، هاڻ قوم ڄاڻي چڪي آهي ته طالبان ڪنهن جي چوڻ تي ڌمڪي ڏني آهي.

عمران خان اهڙي ڌمڪي جي ڪا به مذمت ناهي ڪئي، اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته عمران خان جي چوڻ تي احسان الله احسان بلاول ڀٽو کي ڌمڪي ڏني، سڀ ڄاڻن ٿا ته موجوده حڪمرانن جا واسطا ڪنهن سان آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔