پرڏيهي ايئرلائنز پاران پاڪستاني مسافرن لاءِ نئين ايڊوائزري جاري

اسلام آباد: قطر، اتحاد، امارات ايئرلائنز پاڪستاني مسافرن لاءِ نئين ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي آهي.

پرڏيهي ايئر لائنز طرفان پاڪستان مسافرن جي لاءِ نئين ايڊوائزري جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ پرڏيهه ويندڙ مسافرن جي لاءِ ڪورونا نه هجڻ جي رپورٽ کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي.

جڏهن ته پرڏيهي ملڪن ڏانهن ويندڙ مسافرن جي ڪورونا ٽيسٽ روانگي کان 4 ڏينهن اڳ ڪرائي ويندي. پرڏيهي ايئرلائنز قطر ايئرويز، اتحاد ايئرلائنز ۽ امارات ايئرلانئز جي انتظاميه جو چوڻ آهي ته پرڏييهه  وڃڻ جا خواهشمند مسافر ڪورونا ٽيسٽ قطر، اتحاد، امارات ايئرلائنز جي منظور ٿيل ليبارٽريز مان ڪرائي سگهي ٿو ۽ منظور ٿيل ليبارٽريز جا تفصيل ايئرلائنز جي آفيس، ٽريول ايجنٽس کان وڌيڪ ڄاڻ وٺي سگهجي ٿي.

جڏهن ته منظور ٿيل ليبارٽريز جي لسٽ ايئرلائنز جي ويب سائٽس تي به موجود آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔