سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري،پهرين ڦڙي ڪِرڻ سان ئي بجلي غائب

ڪراچي : سنڌ ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، مختلف شهرن ۾ برسات بعد بجلي غائب ٿي وئي، لاڙڪاڻو، سکر، خيرپور، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، گهوٽڪي،گمبٽ، ميهڙ، روهڙي، لکي غلام شاهه، جوهي، مديجي، ڳڙهي خيرو، جروار، يارو لنڊ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئي، سکر ۾ 45 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب مختلف شهرن کي بجلي فراهمي معطل ٿي وئي ، اڪثر شهرن ۾ تيز وسڪاري سبب روڊن تي پاڻي بيهجي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔