سنڌ ۾ ڪرونا پکيڙ جاري، شڪارپور ۾ 100 کان وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي : سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مقامي سطح تي تيزيءَ سان پکيڙ جو سلسلو جاري آهي، شڪارپور ۾ هڪ ڏينهن اندر رڪارڊ 113 ڪيس سامهون اچڻ بعد متاثرن جو انگ هڪ هزار کان وڌي ويو. شڪارپور ضلعي ۾ 24 ڪلاڪن دوران 684 ماڻهن جي ڪرونا ٽيسٽ ڪئي وئي، جن مان 113 ماڻهن کي ڪرونا جي تصديق ٿي وئي آهي،، متاثرن جو انگ وڌي هڪ هزار 64 ٿي ويو، ڄامشوري ضلعي اندر وڌيڪ 48 ماڻهو ڪرونا جو شڪار ٿي ويا، جن ۾ ڄامشوري، مانجهند، ٿاڻي بولا خان ۽ ڪوٽڙي جا شهري شامل آهن، جنهن بعد متاثرن جو انگ وڌي 848 تي ويو آهي. ميرپورخاص ۾ به ڪرونا وائرس تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، وڌيڪ 28 ماڻهن کي وبا جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ وڌي 813 ٿي ويو آهي. ڇاڇري جي مختلف ڳوٺن ۾ 10 ماڻهو ڪرونا وائرس ۾ مبتلا هئڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، جنهن بعد متاثرن جو انگ وڌي 71 ٿي ويو آهي. قلندر لال شهباز جي نگري سيوهڻ شريف ۾ پڻ ڪرونا وائرس جي مقامي سطح تي تيزي سان پکيڙ جاري آهي، وڌيڪ 8 ڪيس ظاھر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ وڌي 344 ٿي ويو آهي. متاثرن مان پنج جو تعلق سيوهڻ آهي، جڏهن ته باقي ٽن جو تعلق ڀان سيدآباد، دادو ۽ هالا سان آهي، هيل تائين 184 مريض ڪرونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن. شھدادپور ۾ هڪ شاگردياڻي ۽ 7 پوليس اهلڪارن جي ڪرونا رپورٽ پازيٽوِ اچي وئي آهي، جنهن بعد تعلقي اندر متاثرن جو تعداد وڌي 163 ٿي ويو آهي. پنوعاقل ۾ ڪرونا جا وڌيڪ 8 ڪيس پازيٽو اچي ويا آهن، جنهن بعد تعلقي ۾ مريضن جو انگ 153ٿي ويو آهي. راڌڻ ويجهو ٿرڙي محبت بنيادي صحت مرڪز جي ٽيڪنيشن ۽ سينيٽري ورڪر جي ڪرونا رپورٽ پازيٽوِ اچي وئي، جنهن بعد او پي ڊي مريضن لاءِ بند ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔