ڪراچي جي سينٽرل جيل ۾ 300 کان وڌيڪ قيدي ڪورونا ۾ مبتلا

ڪراچي: سينٽرل جيل ۾ ڪورونا وائرس جو شڪار قيدين جو انگ 11 سئو تائين پهچي ويو آهي جنهن ۾ 780 صحتياب جڏهن ته 300 کان وڌيڪ وائرس ۾ مبتلا آهن.

سموري سنڌ جي جيلن ۾ هي انگ تيرنهن سئو کان وڌي ويو آهي، ملير جي ڊسٽرڪٽ جيل هن وقت محفوظ ترين جيل آهي جتي هن وقت تائين ڪو به ڪيس رپورٽ نه ٿيو آهي نه ته اڪثر جيل ڪورونا وائرس جو شڪار آهن صرف ڪراچي جي سينٽرل جيل ۾ 1091 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.

سينٽرل جيل ۾ قيدين جي ٽيسٽ رپيٽ ڪئي پئي وڃي، حفاظتي انتظامن تحت قيدين کي گلوز، ماسڪ، سينيٽائزر ۽ صابن به ڏنو ويو جنهن کان پوءِ ڪيترن ئي قيدين کي سنڌ جي ٻين جيلن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔