ڀارت ۾ ڦاٿل وڌيڪ 75پاڪستاني وطن واپس پهچي ويا

لاهور: ڀارت ۾ ڦاٿل 75 پاڪستاني اٽاري واهگه بارڊر ذريعي وطن واپس پهچي ويا

پاڪستان هاءِ ڪميشن نئين دهلي موجب ڀارت ۾ ڦاٿل وڌيڪ 75 پاڪستانين کي وطن واپس منتقل ڪيو ويو آهي ۽ انهن پاڪستانين جي واپسي پرڏيهي ۽ گهرو وزارت سميت لاڳاپيل ادارن جي ڪوششن سان ممڪن ٿي.

هاءِ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ڪورونا سبب واهگه ۽ وهاڙي بارڊر بند هئڻ سان هي پاڪستاني ڀارت جي مختلف شهرن ۾ ڦاسي پيا هئا.

هاءِ ڪميشن موجب 20 مارچ کان هن وقت تائين 500 پاڪستانين کي ڀارت کان واپس وطن منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڀارت ۾ ڦاٿل باقي پاڪستاني شهرين جي وطن واپسي لاءِ به ڪوششون جاري آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔