علي زيدي کي بنا صحيحن واري جي آءِ ٽي رپورٽ ڪنهن ڏني: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي :سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب، قادر پٽيل ۽ صوبائي وزير سعيد غني ڪراچي ۾ گڏيل ڪانفرنس ڪئي. سنڌ سرڪار جَي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته علي زيدي چوي ٿو ته اصل جَي آءِ ٽي هُن وٽ آهي ته پوءِ اها ڪٿان آئي آهي؟ ڪهڙا ماڻهو آهن، جيڪي کيس اهڙا دستاويز ڏئي رهيا آهن، مرتضي وهاب چيو ته ڇا هڪ وفاقي وزير غير تصديق ٿيل ڪاغذ اسيمبلي ۾ ڏيکاري سگهي ٿو؟ ماضي ۾ به سياسي ليڊر شپ کي بدنام ڪرڻ لاءِ اهڙي قسم جا کوڙ ڪاغذ ٺهيا، علي زيدي جو دماغي توازن ٺيڪ ناهي، هو ٻڌائي ته ڇا اِها جَي آءِ ٽي رپورٽ هُن پنهنجي ليپ ٽاپ تي ٺاهِي، جنهن تي ڪنهن جِي به صحيح ناهي، سرڪاري دستاويزن تي صحيح يا مهر لڳل هوندي آهي، قادر پٽيل چيو ته علي زيدي وفاق ۽ صوبن ۾ وڇوٽيون پيدا نه ڪري، پي ٽي آءِ کي تنقيد پسند ناهي، پ پ ايم اين اَي چيو ته انهن سڀني کي ڪيس ۾ شامل ڪيو، جن جون عذير بلوچ سان تصويرون نڪتل آهن، عذير بلوچ سان شاهد آفريدي، طارق جميل، اياز لطيف پليجو، ماروي ميمڻ ۽ ٻين جون تصويرون به آهن، قادر پٽيل چيو ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ جَي آءِ ٽي رپورٽس ۾ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا جو نالو به شامل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔