ڪراچي: جمعي ڏينهن جرمني، بيلجيم ۽ هالينڊ ۾ جون مهيني جا گرميءَ جا اڳوڻا سڀ رڪارڊ ٽٽي ويا، جڏهن ته يورپ ۾ جاري سخت گرميءَ جي لهر سبب اسپين ۽ فرانس ۾ فوتين جو انگ وڌي ويو. صحت جي خطري کي نظر ۾ رکندي اختيارين ڪيترائي ڪنسرٽ ۽ ٻيا عوامي پروگرام پڻ رد ڪري ڇڏيا.
جرمني جي ڏکڻ اولهه واري شهر زاربروڪن ۾، جيڪو فرانس جي سرحد سان لڳو لڳ آهي، عارضي طور تي 41.3 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ گرمي پد قرار ڏنو پيو وڃي. فرانس ۾ هن هفتي لڳاتار ٽن ڏينهن تائين تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ گرمي رڪارڊ ڪئي وئي.
جيتوڻيڪ فرانس ۾ گرميءَ جي لهر پنهنجي عروج تان هيٺ اچڻ شروع ٿي آهي، پر ملڪ جي صحت واري وزير چيو ته “گهرن اندر ٿيندڙ فوتگين جو ظاهر ٿيڻ” خاص طور تي ڳڻتي جوڳو معاملو آهي.
عالمي موسميات واري اداري (WMO) خبردار ڪيو آهي ته هن سخت گرميءَ جا صحت، ماحولياتي نظام، زراعت ۽ مزدورن تي “تمام وڏا اثر” پوندا.
اداري جي ترجمان ڪليئر نولس چيو: “بدقسمتي سان، هاڻي اسان کي اهڙي صورتحال سان جيئڻ جي عادت وجهڻي پوندي.”
يورپ ۾ جون مهيني جي هي خطرناڪ گرميءَ جي لهر آهستي آهستي اتر ۽ اوڀر طرف وڌي رهي آهي. بيلجيم جي موسمياتي ماهر ڊيوڊ ڊيهيناو غيرسرڪاري طور ٻڌايو ته ڊچ سرحد ويجهو ڪليني بروگل ۾ 40 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
هالينڊ جي ڏاکڻي صوبي لمبرگ ۾ وڌ ۾ وڌ 39.4 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي رڪارڊ ڪئي وئي. ساڳئي وقت، برطانيا جي سفڪ علائقي جي ڪيونڊش شهر ۾ جون مهيني لاءِ عارضي طور 37.1 ڊگري سينٽي گريڊ جو نئون رڪارڊ قائم ٿيو.
فرانس جي خابرو اداري اي ايف پي (AFP) جي انگن اکرن موجب، جمعي ڏينهن يورپ جي مختلف ملڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 ڪروڙ ماڻهو اهڙن علائقن ۾ رهندا هئا، جتي گرمي پد 35 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ هو.
چيڪ ريپبلڪ جي موسمياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڇنڇر تي 2012ع ۾ قائم ٿيل 40.4 ڊگري سينٽي گريڊ جو قومي رڪارڊ ٽٽي سگهي ٿو، جڏهن ته آسٽريا جي ماهرن جو خيال آهي ته آچر تي ملڪ جو نئون گرميءَ جو رڪارڊ قائم ٿي سگهي ٿو.
بلقان جي ملڪن ۾ پڻ سخت گرمي جاري آهي، جتي هفتي جي آخر تائين سربيا ۾ 39 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گرمي وڌڻ جو امڪان آهي.
سوئٽزرلينڊ ۾ بيزناو ايٽمي بجلي گهر جمعي ڏينهن پنهنجا ٻئي ري ايڪٽر بند ڪري گرڊ کان ڌار ڪري ڇڏيا، ڇاڪاڻ ته آري ندي جي پاڻي جو گرمي پد 25 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو، جيڪو ري ايڪٽرن کي مناسب نموني ٿڌو رکڻ لاءِ پد ناڪافي هو.
ورلڊ ويڌر ائٽريبيوشن جي سائنسدانن موجب، فرانس، جرمني، اٽلي، اسپين ۽ ڏاکڻي انگلينڊ ۾ گرمي پد موسمي سراسري کان 5 کان 12 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهيو، جنهن جو سبب هڪ مضبوط ۽ ڊگهي عرصي تائين قائم رهندڙ هاءِ پريشر سسٽم آهي.
هنن وڌيڪ چيو ته جون مهينو سال جي ٻين سڀني مهينن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزيءَ سان گرم ٿي رهيو آهي، ۽ سندن مطالعي واري علائقي ۾ موجوده گرميءَ جي لهر “تاريخ جي سڀ کان سخت لهر” آهي.
ماهرن موجب، موسمياتي تبديلي سبب سڄي دنيا ۾ گرمي وڌي رهي آهي، پر يورپ ۾ ان جا اثر خاص طور تي وڌيڪ آهن. ڪوپرنيڪس ڪلائيميٽ سروس موجب، يورپ دنيا جو سڀ کان تيزيءَ سان گرم ٿيندڙ کنڊ آهي، جتي گرمي عالمي سراسري جي ڀيٽ ۾ تقريباً ٻه ڀيرا وڌيڪ تيزيءَ سان وڌي رهي آهي.
سخت گرمي سبب جمعي جي صبح ڪولون کان پيرس ويندڙ يورو اسٽار ٽرين برسلز جي اوڀر ۾ خراب ٿي بيهي رهي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 400 مسافر سوار هئا. بيلگا نيوز ايجنسي موجب، احتياطي تدبير طور ٽن مسافرن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
تبصرے بند ہیں۔