مغرب کي مات، چين جو سپر ڪمپيوٽر دنيا ۾ سڀني کان طاقتور قرار

ڪراچي: 9 سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو چين جو هڪ سپر ڪمپيوٽر دنيا جي سڀ کان طاقتور سپر ڪمپيوٽرن جي فهرست ۾ سڀني مشينن کي پوئتي ڇڏي پهرين نمبر تي اچي ويو آهي. هي فهرست جرمني جي شهر هيمبرگ ۾ ٿيل ISC 2026 ڪانفرنس دوران جاري ڪئي وئي.
دنيا جي سڀ کان طاقتور سپر ڪمپيوٽرن جي فهرست ۾ پهريون نمبر “لائن شائن” (LineShine) کي ڏنو ويو آهي، جيڪو چين جو هڪ نئون سپر ڪمپيوٽر آهي ۽ اڳ ۾ هن فهرست ۾ شامل نه هو.
لائن شائن، هاءِ پرفارمنس لنپيڪ (HPL) بينچ مارڪ موجب، آمريڪا جي ايل ڪيپيٽن (El Capitan) کي پوئتي ڇڏي دنيا جو سڀ کان طاقتور سپر ڪمپيوٽر بڻجي ويو آهي.
هي پهريون ڀيرو آهي جو 2017ع کان پوءِ ڪنهن چيني سپر ڪمپيوٽر TOP500 جي فهرست ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي آهي. تنظيم جي پريس رليز موجب، هن HPCG رينڪنگ ۾ به 22.00 HPCG-Petaflop/s جي ڪارڪردگي سان پهريون نمبر حاصل ڪيو آهي.
لائين شائين جون خاصيتون
چين جو هي سپر ڪمپيوٽر نه رڳو دنيا جي سڀ کان طاقتور مشينن جي فهرست ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيو آهي، پر هن HPL بينچ مارڪ تي 2.198 Exaflop/s جي رفتار پڻ حاصل ڪئي آهي، جنهن سان اهو TOP500 جي تاريخ ۾ پهريون اهڙو سپر ڪمپيوٽر بڻجي ويو آهي، جنهن صرف CPU استعمال ڪندي ٻه ايگزا فلاپس کان وڌيڪ مسلسل ڊبل-پريسيزن ڪارڪردگي حاصل ڪئي آهي.
لائين شائين، شينزين نيشنل سپر ڪمپيوٽنگ سينٽر (NSCS) ۾ نصب آهي ۽ ان کي شينزين ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ سينٽر تيار ڪيو آهي.
هي چين جي تيار ڪيل خاص پروسيسر ۽ “لنگ ڪن” (LingKun) پليٽ فارم تي ٻڌل آهي، جنهن ۾: هڪ ڪروڙ 37 لک 90 هزار (13.79 ملين) ڪورز، 304 ڪور وارا LX2 پروسيسر، 1.55 گيگا هرٽز جي رفتار، ملڪيت واري LingQi انٽرڪنيڪٽ ۽ Kylin آپريٽنگ سسٽم
استعمال ڪيا ويا آهن.
هي سپر ڪمپيوٽر لڳ ڀڳ 42.2 ميگاواٽ بجلي استعمال ڪري ٿو ۽ ان جي توانائيءَ جي ڪارڪردگي 52.07 Gigaflops في واٽ آهي.
پريس رليز موجب لائين شائين، گهٽ پريسيزن واري حساب ۾ 7.92 Exaflop/s جي رفتار حاصل ڪئي، جيڪا HPL اسڪور کان صرف 3.6 ڀيرا وڌيڪ آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي مڪمل طور CPU تي ٻڌل ڊيزائن آهي ۽ ان ۾ AI لاءِ استعمال ٿيندڙ گهٽ پريسيزن وارا خاص ايڪسيليريٽر موجود ناهن.
ٻين سپر ڪمپيوٽرن کان ڪيئن مختلف؟
اڪثر جديد هاءِ پرفارمنس سپر ڪمپيوٽر GPU گرافڪس پروسيسنگ يونٽس استعمال ڪندا آهن، جيڪي مصنوعي ذهانت (AI) جي ڪم لاءِ انتهائي موزون هوندا آهن. پر لائين شائين جي خاص ڳالهه اها آهي ته اهو جديد GPU بدران صرف CPU تي ڀاڙي ٿو.
ان جي باوجود، هن جي شموليت هڪ اهم ڪاميابي سمجهي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته هاڻي دنيا ۾ HPL تي هڪ Exaflop/s کان وڌيڪ ڪارڪردگي ڏيندڙ سپر ڪمپيوٽرن جو انگ چار مان وڌي پنج ٿي ويو آهي.
ان کان علاوه، پهريون ڀيرو ايگزا اسڪيل (Exascale) سپر ڪمپيوٽر هڪ ئي وقت: ايشيا، اتر آمريڪا ۽ يورپ ٽنهي براعظمن ۾ موجود آهن.
آمريڪا جا سپر ڪمپيوٽر به مٿين صفن ۾
جيتوڻيڪ لائين شائين پهريون نمبر حاصل ڪيو آهي، پر ان کان پوءِ ايندڙ ٽي سپر ڪمپيوٽر آمريڪا جا آهن.
ايل ڪيپٽن، جيڪو 2025ع ۾ دنيا جو سڀ کان طاقتور سپر ڪمپيوٽر هو، هاڻي ٻئي نمبر تي آهي. ان جي HPL ڪارڪردگي 1.89 Exaflop/s آهي. هي آمريڪا جي لارينس ليورمور نيشنل ليبارٽري (LLNL) ۾ نصب آهي. ان جون اهم خاصيتون هي آهن: 1 ڪروڙ 13 لک 40 هزار (11.34 ملين) ڪورز، 60.94 Gigaflops في واٽ، HPE Cray EX255a آرڪيٽيڪچر، AMD چوٿين نسل جا EPYC CPU ۽ AMD Instinct MI300A ايڪسيليريٽر. ٽئين نمبر تي فرنٽيئر (Frontier) سپر ڪمپيوٽر آهي، جيڪو اوڪ رِج نيشنل ليبارٽري ۾ نصب آهي ۽ HPL تي 1.35 Exaflop/s جي ڪارڪردگي ڏيکاري ٿو.
جڏهن ته پنجين نمبر تي جرمني جي Jülich Supercomputing Center جو Jupiter Booster سپر ڪمپيوٽر آهي.
سپر ڪمپيوٽرن جي اهميت
اڄ جي دور ۾ سپر ڪمپيوٽر ڪيترن ئي اهم شعبن ۾ استعمال ٿين ٿا، جن ۾ شامل آهن: موسم جي اڳڪٿي، مصنوعي ذهانت (AI) جي ترقي، طبي تحقيق ۽ نيون دوائون، دفاعي مقصدن لاءِ ايٽمي ڌماڪن جون ڪمپيوٽر سموليشنز، ۽ ٻين پيچيده سائنسي تحقيقاتي ڪم.
ان ڪري سپر ڪمپيوٽرن کي ڪنهن به ملڪ جي سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي طاقت جو اهم معيار به سمجهيو ويندو آهي.
هن سال چين جي ڪاميابي مغربي ملڪن لاءِ ڪجهه حد تائين ڳڻتي جو سبب بڻجي سگهي ٿي، پر ماهرن جو چوڻ آهي ته مستقبل ۾ آمريڪا ۽ يورپ مان ان کان به وڌيڪ طاقتور سپر ڪمپيوٽر متعارف ٿيڻ جا امڪان موجود آهن.

تبصرے بند ہیں۔