ڪراچي : پاڪستاني شوبز انڊسٽريءَ جي معروف اداڪار سميع ثاني انسٽاگرام تي پنهنجيون ريلز (ريلس) وائرل ٿيڻ کانپوءِ اڄڪلهه سوشل ميڊيا واپرائيندڙن جي خاص ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي.سميع ثاني کي 90 جي ڏهاڪي ۾ پنهنجي شاندار اداڪاريءَ جي ڪري وڏي شهرت حاصل ٿي هئي ۽ بعد ۾ هن هدايتڪاريءَ (ڊائريڪشن) جي ميدان ۾ به ڪاميابي ماڻي. حاليہ ڏينهن ۾ اداڪار جون انسٽاگرام ريلز وائرل ٿيون ته واپرائيندڙن سندس شوبز ڪيريئر بابت مختلف قسم جا سوال ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. جنهن کانپوءِ سميع ثاني وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم يوٽيوب تي مداحن پاران پڇيل سوالن جا جواب ڏنا. اداڪار کان اهو سوال به پڇيو ويو ته ڪامياب اداڪار هئڻ باوجود هن اداڪاري ڇو ڇڏي ڏني؟سميع ثاني ان سوال جو جواب ڏيندي چيو ته “مان پاڻ کي ڪامياب ناهيان سمجهندو، مون اداڪاري ۽ هدايتڪاريءَ سميت سڀ ڪجهه ڪيو پر منهنجو ايمان آهي ته ڪاميابي اللّٰهه جي هٿ ۾ آهي، اهو مان مڃان ٿو ته مونکي اداڪاريءَ ۾ پذيرائي ملي ۽ ان ڪري ئي مان ان شعبي ۾ ڪم ڪندو رهيس.” هن اداڪاري ڇڏڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو ته “منهنجو تعلق برج دلو (Aquarius) سان آهي، ان ڪري منهنجي اندر هڪ بي چين روح موجود آهي، مان هڪ ڪم وڏي عرصي تائين نٿو ڪري سگهان، بوريت ٿيڻ لڳندي آهي، ان ڪري مختلف قسم جا تجربا ڪندو رهيس ۽ اڄ تائين ڪري رهيو آهيان.” سميع ثاني چيو ته انسان ڪڏهن به مطمئن نٿو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته زندگي هڪ سفر آهي جيڪو هلندو رهي ٿو، “مون اداڪاري ۽ هدايتڪاري باقاعدي سکي به ناهي، بس سٺا موقعا ملي ويا ته تجربن مان سکيو.” هن وڌيڪ ٻڌايو ته “اڃا مان ڊائريڪشن ڪري رهيو آهيان پر ان جو اهو مطلب ناهي ته مون اداڪاري ڇڏي ڏني آهي، تمام جلد ماڻهو مونکي ٻيهر اداڪاري ڪندي ڏسندا، مون بطور هدايتڪار هڪ ٻئي پٺيان 7 کان 8 ڊراما ٺاهيا آهن جيڪي اڃا مختلف ٽي وي چينلن تان نشر ٿي رهيا آهن.” سميع ثاني اهو به ٻڌايو ته هو مسلسل ڪم ڪرڻ جي ڪري ٿورو ٿڪجي پيو آهي، ان ڪري ڪجهه وقت لاءِ بريڪ ورتو اٿس.
تبصرے بند ہیں۔