آمريڪا ايران ڳالهين جو ٻيو دور: اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ريڊ زون ڏانهن ويندڙ سمورا رستا بند
اسلام آباد: آمريڪا ڳالهين جو ٻيو دور سڀاڻي اسلام آباد ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي، انهي حوالي سان سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن جڏهن ته ريڊ زون ڏانهن ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن.
ايران ۽ آمريڪا جي ڳالهين جو ٻيو دور اربع تي اسلام آباد ۾ ٿيڻ جا امڪان آهن، ايران ۽ آمريڪا جا وفد اڄ اسلام آباد پهچندا وفاقي گادي واري شهر ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگبندي اڄ رات ختم ٿي ويندي ٻنهي ملڪن پاڪستان جي وزيراعظم جي درخواست تي 15 ڏينهن جي جنگبندي تي اتفاق ڪيو هو پاڪستان ٻين ٽياڪڙي ڪندڙ ملڪن سان گڏجي جنگبندي ۾ واڌ لاءِ ڪوششون ۽ رابطا جاري رکي رهيو آهي
ذريعن موجب اڄ جنگبندي ۾ واڌ بابت اهم اعلان جو امڪان آهي ريڊ زون ۽ توسيعي ريڊ زون کي مڪمل طور سيل ڪيو ويو آهي اڄ به پاڪ سيڪريٽريٽ بند رکيو ويو آهي سرڪاري ملازمن کي گهرن مان ڪم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن
آمريڪي ۽ ايراني وفد اڄ شام ڪنهن به وقت نور خان ايئر بيس چڪلالا پهچي سگهن ٿا پاڪستان جا اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدار وفدن جو استقبال ڪندا ايران ۽ آمريڪا جي ڳالهين جو ٻيو دور سڀاڻي ٿيندو پاڪستان انهن ڳالهين جي ميزباني ۽ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي
جاڙن شهرن ۾ هلندڙ ميٽرو بس سروس کي به مڪمل طور تي بند ڪيو ويو آهي، ايندڙ هفي تائين جاڙن شهرن ۾ مختلف تعليمي ادارن ۾ ڪلاسز کي به آن لائن ڪيو ويو آهي.
تبصرے بند ہیں۔