آمريڪا ۽ اسرائيل جا حملا، تهران ۾ وڏا ڌماڪا، پاڪستان جو ڪوششون اهم حساس مرحلي ۾ آهن، سفير

تهران : پاڪستان ۾ ايران جي سفير رضا اميري مقدم ايڪس تي ڪيل پوسٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان جون جنگبندي لاءِ خير سگالي واريون ڪوششون اهم ۽ حساس مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن، وڌيڪ ڄاڻ لاءِ رابطي ۾ رهو ۽ انتظار ڪريو. هوڏانهن ايراني ميڊيا موجب اسرائيلي فوج اڄ صبح سوير ايران ۾ انفراسٽرڪچر تي بمباري ڪئي، تهران ۾ هڪ يهودي عبادتگاهه کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو، ايران جوابي ڪارروائي ڪئي آهي. صدر ٽرمپ رات پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته ايران جو جنگبندي بابت جواب اهم آهي پر ناڪافي آهي. اڄ ڊيڊ لائين جو آخري ڏينهن آهي هرمز لنگهه نه کليو ته ايران ۾ جهنم برپا ڪنداسين ۽ چند ڪلاڪن بجلي گهر ۽ پليون تباهه ڪنداسين.

ايران ۽ حزب الله جي حملن ۾ 133 اسرائيلي زخمي

اسرائيل جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران Iran  ايران ۽ حزب الله جي حملن جي نتيجي ۾ 133 ماڻهو اسپتالن ۾ داخل ڪيا ويا آهن۔ اسرائيل جي صحت واري وزارت X تي ٻڌايو ته ڪالهه صبح 7 وڳي کان اڄ صبح 7 وڳي تائين اسپتالن ۾ داخل ٿيندڙ 133 ماڻهن مان 5 جي حالت وچولي نوعيت جي آهي، 127 جي حالت معمولي آهي ۽ هڪ شخص جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي۔ ايران طرفان ميزائل ۽ ڊرون حملا ملڪ جي وچ وارن علائقن ۾ واقع اسرائيلي شهرن کي نشانو بڻائي رهيا آهن، جڏهن ته  حزب الله اسرائيل جي اتر وارن علائقن تي بمباري جاري رکي آهي۔ جنگ شروع ٿيڻ کان وٺي هن وقت تائين زخمي اسرائيلي شهرين جو انگ 7 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.

اسرائيلي قونصل خاني لڳ فائرنگ 3 شڪي جوابدار قتل

استنبول ۾ اسرائيلي قونصل خاني ويجهو فائرنگ جي واقعي ۾ ٽي شڪي ماڻهو مارجي ويا۔ ترڪي ميڊيا موجب، استنبول ۾ اسرائيلي قونصل خاني جي ويجهو فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي۔ سي اين اين ترڪ مطابق، استنبول پوليس کاتي جي بيان جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جي فوري ڪارروائي کان پوءِ ٽي شڪي جوابدار مارجي ويا۔ رپورٽ موجب، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ٻه پوليس اهلڪار زخمي ٿيا۔

تبصرے بند ہیں۔