ڪراچي ۾ گئس لوڊشيڊنگ جو نئون شيڊول جاري

ڪراچي : ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گئس بند ڪرڻ جو نئون شيڊول لاڳو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب، گئس جي فراهمي صبح 5:30 کان رات 10 وڳي تائين ڪئي ويندي.گئس جي فراهمي صبح 10 وڳي کان منجهند 12 وڳي تائين معطل رهندي.سوئي سدرن گئس ڪمپني جي ذريعن موجب، گئس جي فراهمي منجهند 12 وڳي کان شام 3 وڳي تائين ڪئي ويندي.ڏينهن جي وقت، گئس 3 وڳي کان شام 6 وڳي تائين بند رهندي، جنهن کان پوءِ گئس 6 وڳي کان رات 10 وڳي تائين فراهم ڪئي ويندي.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته رات جي وقت، گئس جي فراهمي رات 10 وڳي کان صبح 5:30 تائين بند رهندي.

تبصرے بند ہیں۔