ننڍي عمر ۾ فحش ويب سائيٽ تي پنهنجون جعلي تصويرون ڏٺيون:جهانوي ڪپور

ممبئي : بالي ووڊ اداڪارا جهانوي ڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته هن ننڍي عمر ۾ هڪ فحش ويب سائيٽ تي پنهنجون جعلي تصويرون ڏٺيون هيون، جنهن کيس سخت صدمو پهچايو.هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي جهانوي ڪپور چيو ته هي واقعو منهنجي اسڪول جي ڏينهن ۾ پيش آيو جڏهن مون پنهنجي آئي ٽي ڪلاس دوران اهڙين ويب سائيٽن تي پنهنجون تصويرون ڏٺيون.سندس مطابق، اهو مڪمل طور تي ڊيپ فيڪ جهڙو مواد هو، جنهن جو حقيقت سان ڪو به تعلق نه هو.اداڪارا چيو ته هن تجربي هن کي ننڍي عمر ۾ شهرت جي منفي پهلوئن جو احساس ڏياريو. هن سوال ڪيو ته ڇا عوامي شخصيت هجڻ جي قيمت اهڙي غير اخلاقي مواد کي برداشت ڪرڻ آهي؟، جهانوي ڪپور سوشل ميڊيا تي پکڙيل مصنوعي ذهانت سان ٺاهيل جعلي مواد تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.هوءَ چوي ٿي ته منهنجيون اهڙيون تصويرون ۽ وڊيوز به گردش ۾ آهن جيڪي مڪمل طور تي مصنوعي آهن پر حقيقت جي طور تي پيش ڪيون ويون آهن، ڪڏهن ڪڏهن مستند نيوز پليٽ فارم به انهن کي شيئر ڪن ٿا.هن چيو ته هي صورتحال پيشه ورانه مسئلن کي به جنم ڏئي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته مستقبل ۾، ڊائريڪٽر اسان تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ اهڙي جعلي مواد کي بنياد طور استعمال ڪري سگهن ٿا.اداڪاره موجب، هي مسئلو صرف هن تائين محدود ناهي، پر ٻيون شخصيتون به ان جو شڪار ٿي رهيون آهن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل رضامندي جي غلط استعمال بابت واضح اخلاقي حدون مقرر ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.

تبصرے بند ہیں۔