واشنگٽن: آمريڪا ۽ اسرائيل امڪاني امن ڳالهين کي نظر ۾ رکندي ايران جي ٻن اهم عهديدارن کي عارضي طور تي ٽارگيٽ لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو آهي. انهي قدم کي خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي هڪ ڪوشش جي طور تي ڏٺو پيو وڃي.
آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ موجب ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليبات ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو نالو 4 کان 5 ڏينهن جي لاءِ انهي فهرست مان هٽايو ويو آهي. رپورٽ موجب اهو فيصلو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان جنگ جي خاتمي لاءِ اعليٰ سطحي ڳالهين جو رستو سڌو ڪرڻ جي حوالي سان ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ترڪي، پاڪستان ۽ مصر سميت مختلف ملڪن جي ٽياڪڙي آمريڪا ۽ ايران کي فوري طور تي ڳالهين تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيئن پهريان جنگبندي ممڪن ٿي سگهي ۽ انهي کان پوءِ باضابطه ڳالهين جي شروعات ٿي سگهي.
اعليٰ اختيارين موجب آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ طئي ٿيل شرطن ۾ وڏا اختلاف موجود آهن جنهن سبب انهن ڳالهين جي ڪاميابي جا امڪان في الحال محدود نظر اچي رهيا آهن.
تبصرے بند ہیں۔