لوڌران: تيز گام ايڪسپريس جون 4 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، 25 ڄڻا زخمي

لودهران:  لودهران ۾ تيز گام ايڪسپريس جون 4 بوگيون پٽڙي تان لهڻ  سبب 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب تيز گام ايڪسپريس جون 4 بوگيون پٽڙي تان لهڻ جو واقعو پنجاب جي ضلعي لودهران جي علائقي آدم واهن جي ڀرسان پيش آيو جنهن جي  نتيجي ۾ 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

انهي حوالي سان  ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته زخمين مان 17 مسافرن کي شروعاتي طبي امداد کان پوءِ ڊسچارج ڪيو ويو جڏهن ته 8 مسافر ڊي ايڇ ڪيو ۾ علاج هيٺ آهن جن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ٻئي طرف اسٽيشن ماسٽر جو چوڻ آهي ته تيز گام کي 5 بوگين سان گڏ ڪراچي روانو ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڊائون ٽريڪ تي ڪراچي ويندڙ ٽرينن کي لودهران اسٽيشن تي روڪيو ويو آهي.

تبصرے بند ہیں۔