مڪاني کاتي ملازمن جون موڪلون رد فيلڊ ۾ رهڻ جو حڪم

ڪراچي : سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر حسين شاهه سڄي صوبي ۾ هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.ناصر حسين شاهه موجب، لاڳاپيل کاتن جي سڀني عملي لاءِ عيد جون موڪلون منسوخ ڪيون ويون آهن.سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ سرگرم آهي.هن هدايت ڪئي ته ڪراچي جا ماڻهو گهرن ۾ رهن ۽ بجلي جي تنصيبات کي هٿ لڳائڻ وقت احتياط ڪن.

تبصرے بند ہیں۔