ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ ايس او پيز تيار ٿيڻ لڳي

لاهور: پي سي بي نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۽ ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ ايس او پيز تيار ڪرڻ لڳي. جڏهن ته اختيارين پلان کي(بيڪ ٽو ڪرڪيٽ) جو نالو ڏنو آهي.

ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس سينٽر نديم خان چيو آهي ته سرگرميون حڪومت جي هدايت تي بند آهن. ايس او پيز ٺاهي اختيارين سان رابطو ڪنداسين. هاءِ پرفارمنس سينٽر جي ڪوچز جي مدد سان ڪرڪيٽ منتظمين کي به آگاهي ڏينداسين. 2 کان 3 هفتن ۾ ايس او پيز تيار ڪري وٺنداسين.  ٻئي طرف ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي ڪوچز جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جو سلسلو جاري آهي.

هاءِ پرفارمنس سينٽر شعبي ڪوچنگ جي سربراهه گرانٽ بريڊ برن، آف انٽرنيشنل رانديگرن ڊولپمينٽ ثقلين مشتاق ۽ انگلينڊ ۾ بطور اسسٽنٽ ڪوچ قومي ٽيم سان گڏ موجود شاهد اسلم گذريل  ڏينهن وڊيو ڪال تي سدرن پنجاب ڪوچز جا انٽرويوز ورتا. ان کان اڳ سنڌ ۽ سينٽرل پنجاب جي ڪوچز جي ڪارڪردگي جو معيار ۽ ويزن کي پرکيو ويو آهي. ايندڙ مرحلي ۾ خاص طور نادرن، ڪي پي ۽ بلوچستان جو وارو ايندو.

ياد رهي ته پي سي بي 30 جون تي ختم ٿيندڙ ڊوميستڪ رانديگرن جي معاهدن ۾ 31 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي هئي. نئين ڪانٽرينٽ جو فيصلو هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪرڻ جو سبب ٻڌايو ويو آهي ته  اڳ ڪوچز جي ڪاڪردگي جو نئين سر سان جائزو ورتو ويندو. هي مرحلو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هلندڙ مهيني ئي ايسوسيشن جي ٽيمن جا جونيئر ۽ سينئر اسڪواڊ چونڊ ڪيا ويندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔