ممبئي : بالي ووڊ اداڪار سنجي دت ۽ نورا فتحي جو نئون گانو هٽ ٿي ويو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار سنجي دت جي ايندڙ فلم ‘ڪي ڊي: دي ڊيول’ جو گانو ‘سرڪي چونر تيري سرڪي’ يوٽيوب تي رليز ڪيو ويو ۽ رليز ٿيندي ئي تنقيد جي زد ۾ اچي ويو. ميڊيا رپورٽن مان ظاهر ٿئي ٿو ته وڪيل ونيت جندال سينٽرل بورڊ آف فلم سرٽيفڪيشن ۾ شڪايت داخل ڪئي، جنهن ۾ هندي گاني خلاف فوري قانوني ڪارروائي جي درخواست ڪئي وئي ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته وڪيل اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي به شڪايت ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته گاني جا ڪجهه لفظ واضح طور تي قابل اعتراض ۽ عوامي استعمال لاءِ نا مناسب آهن، جڏهن ته فلمنگ ۾ فحش مواد پڻ ڏيکاريو ويو آهي.شڪايت موجب، اهڙا گانا ۽ غزل ننڍڙن ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ مناسب نه آهن، تنهن ڪري گاني تي فوري طور تي پابندي لڳائي وڃي.
تبصرے بند ہیں۔