حيدرآباد: حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ دوڪانن مٿان ٺهيل گهر ۾ اوچتو باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڀينرون ۽ سندن هڪ ڀاءُ سڙي فوت ٿي ويا.
رپورٽ موجب علي پيلس چوڪ ڀرسان دڪانن مٿان ٺهيل گهر کي اوچتو باهه لڳي وئي، واقعي ۾ 3 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا. ريسڪيو عملي واقعي واري هنڌ پهچي باهه تي ضابطو آندو، باهه لڳڻ سبب سڙي فوت ٿي ويلن جي نديم صديقي جون 2 ڌيئرون، عيفا، مريم ۽ پٽ شاهنواز صديقي طور سڃاڻپ ڪئي وئي. ٻڌايو پيو وڃي ته ناري عيفا صديقي اعتڪاف ۾ ويٺل هئي.
ريسڪيو عملي موجب باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي جنهن اک ڇنڀ سان سڄي گهر کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. هن وقت تائين 3 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن جن ۾ 2 عورتون ۽ هڪ مرد شامل آهن. ڪولنگ جو عمل جاري آهي.
تبصرے بند ہیں۔