ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات

ڪراچي: سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات ٿي. ڪراچي ۾ نارٿ ناظم  آباد، گلشن معمار ، هاءِ وي ، سبزي منڊي ، گلستان جوهر ، گلشن اقبال سميت مختلف علائقن ۾ بادل وسيا . ڪجهه علائقن ۾ تيز برسات پئي ، ۽ برفاني ڳوڙها پڻ ڪِريا ، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ هلڪي هلڪي برسات پوڻ سبب ٿڌڪار ۾ اضافو ويو . برسات سبب اوچتو پوندڙ گرمي جي لهر به ڪجهه گهٽجي وئي ، ڪراچي کان سواءِ حيدرآباد، سکر ، لاڙڪاڻو ، شڪارپور ، جيڪب آباد، خيرپور ۽ ٻين شهرن ۾ به وسڪارو ٿيو .

تبصرے بند ہیں۔