اسلام آباد: عمران خان جي صحت بابت پي ٽي آءِ ۽ مخالف ڌر جي اتحاد تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان (ٽي ٽي اي پي) پاران جاري ڌرڻي جي چوٿين ڏينهن سومر جي صبح جو پارليامينٽ هائوس ڏانهن ويندڙ رستا انتظاميا کولي ڇڏيا آهن.هي ڌرڻو جمعي ڏينهن شروع ٿيو هو، جڏهن سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ويو ته پي ٽي آءِ باني جي ساڄي اک ۾ صرف 15 سيڪڙو نظر باقي رهي آهي، جنهن تي مخالف ڌر جي اتحاد سخت ردعمل ظاهر ڪيوهو.ٽي ٽي اي پي جي ترجمان اخونزاده يوسفزئي ڊان سان ڳالهائيندي چيو ته سمورا رستا کولڻ هڪ حيرت انگيز قدم آهي. جمعي ڏينهن ڌرڻي کان اڳ پارليامينٽ هائوس ڏانهن ويندڙ رستا بند ڪيا ويا هئا.هن چيو ته، “سڀ کان پهرين اسان چار ڏينهن کان پوءِ ناشتو ڪرڻ وارا آهيون، ڇو ته اڳ ۾ اسان رڳو کارڪون ۽ بسڪوٽ کائيندا هئاسين ۽ اسان کي نل جو پاڻي پيئڻ تي مجبور ڪيو پئي ويو. اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته پارليامينٽ لاجز وارو ڌرڻو پارليامينٽ هائوس واري ڌرڻي سان گڏايو وڃي.”مخالف ڌر جو ڌرڻو شروعاتي طور ٽن هنڌن تي لڳايو ويو هو، جن ۾ پارليامينٽ هائوس شامل هو، جنهن جي اڳواڻي ٽي ٽي اي پي سربراهه محمود خان اچڪزئي ۽ علامه راجا ناصر عباس ڪري رهيا هئا. پارليامينٽ لاجز ٻاهران احتجاج جي اڳواڻي پي ٽي آءِ جي پارلياماني ميمبرن ڪئي، جڏهن ته خيبر پختونخوا هائوس تي خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي مظاهري جي قيادت ڪئي.يوسفزئي ڊان کي ٻڌايو ته، “وڌيڪ اهو ته حڪومت عمران خان جي صحت بابت سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ داخل ڪرڻ واري آهي، جنهن جو اسين جائزو وٺنداسين ۽ پوءِ وڌيڪ فيصلو ڪنداسين. هن چيو ته ڌرڻو تڏهن تائين جاري رهندو، جيستائين حڪومت سڀئي مطالبا قبول نٿي ڪري.آچر ڏينهن ذريعن موجب، ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم عمران خان جو اڊيالا جيل ۾ معائنو ڪيو ۽ لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ کان پوءِ واپس هلي وئي.پارٽي سندس گهرڀاتين ۽ ذاتي ڊاڪٽرن کان سواءِ ڪيل معائني کي رد ڪندي ان کي “بدنيتي تي ٻڌل” قرار ڏنو.آچر تي صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر اسد قيصر چيو ته سندس پارٽي، مخالف ڌر جي اتحاد سان گڏ، ڌرڻو جاري رکندي ته جيئن حڪومت تي دٻاءُ وڌو وڃي ته عمران کي اسپتال منتقل ڪيو وڃي.هن چيو، “اسان عمران جي صحت تي ڪو به سمجهوتو نه ڪنداسين،” ۽ وڌيڪ چيو ته حڪومت پارٽي جي حوصلي جو امتحان وٺي رهي آهي.هن ڊان کي ٻڌايو، “اسان فيصلو ڪيو آهي ته ڌرڻا جاري رکيا ويندا، جيستائين اسان جا مطالبا قبول نه ڪيا وڃن ۽ اسان جي اڳواڻ عمران خان کي اسلام آباد جي شفا انٽرنيشل اسپتال منتقل نه ڪيو وڃي. وڌيڪ اهو ته اسان سومر تي انصاف ۽ عمران جي طبي علاج جي حق لاءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سان پڻ رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.”آچر تي نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ڳالهائيندڙ ٽي ٽي اي پي اڳواڻ چيو ته کين گذريل رات ٻڌايو ويو هو ته عمران کي شفا انٽرنيشنل اسپتال، اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو، پر پوءِ پيغام مليو ته پهرين ڌرڻو ختم ڪيو وڃي.ٽي ٽي اي پي اهو به الزام لڳايو ته پارليامينٽ هائوس اندر موجود احتجاج ڪندڙن لاءِ ٽئين ڏينهن به کاڌي، پاڻي ۽ دوائن تائين رسائي روڪي وئي، جنهن کي هنن جمهوري ۽ آئيني قدرن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو.ٻئي پاسي عمران خان جي ڀيڻ نورين خانم ايڪس تي ڪيل پوسٽ ۾ باني جي معائني ۽ علاج تي اطمينان ظاهر ڪيو آهي.
تبصرے بند ہیں۔