لاهور: پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي هدايتن تي 20 ارب روپين جا فنڊز جاري ڪيا ويا آهن. تفصيل موجب پنهنجي ڇت پنهنجو گهر پروگرام جي تحت گهرن جي تعمير جو سلسلو جاري رکڻ جي لاءِ اهم قدم جاري آهن.
مستحق خاندانن جي گهرن جي تعمير جو سلسلو برقرار رکڻ جي لاءِ فنڊز جاري ڪيا ويا، هينئر تائين 1 لک 21 هزار کان وڌيڪ خاندانن کي بنا وياج جي قرض ڏنا ويا آهن.
26 هزار کان وڌيڪ خاندانن کي فوري طور تي قسطون به جاري ڪيون وينديون. جڏهن ته سموري صوبي ۾ هن وقت 43 هزار کان وڌيڪ گهر تعمير هيٺ آهن. هينئر تائين 172 ارب روپين کان وڌيڪ پروگرام جي تحت گهرن جي تعمير لاءِ خرچ ڪيا ويا آهن.
ترجمان ٻڌايو ته هينئر تائين 6 ارب روپين کان وڌيڪ جي ريڪوري ڪاميابي سان ڪئي وئي آهي. 1 لک 12 هزار کان وڌيڪ خاندانن کي تعمير مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ٻئي قسط به جاري ڪئي وئي آهي. 5 سالن ۾ 5 لک گهرن جي تعمير جو حدف مڪمل ڪيو ويندو.
ترجمان وڌيڪ چيو ته پنهنجي ڇت پنهنجو گهر پروگرام سان وڏي تعداد ۾ مستحق خاندان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. قرض جي واپسي جو عمل به آسان ۽ شفاف رکيو ويو آهي.
تبصرے بند ہیں۔