گڏيل عرب امارات جي سلامتي ۽ استحڪام پاڪستان جي سلامتي جو هڪ لازمي حصو آهي:فيلڊ مارشل

راولپنڊي: فيلڊ مارشل عاصم منير جو چوڻ آهي ته گڏيل عرب امارات جي سلامتي ۽ استحڪام پاڪستان جي سلامتي جو هڪ لازمي حصو آهي.هن اهو اظهار يو اي اي جي ڊپٽي حڪمران ۽ قومي سلامتي صلاحڪار سان ملاقات دوران ڪيو، انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب فيلڊ مارشل عاصم منير ابو ظهبي ۾ شيخ طحنون بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ باهمي تعاون تي بحث ڪيو ويو، خاص طور تي معيشت، سيڙپڪاري ۽ سيڪيورٽي معاملن ۾. ٻنهي اڳواڻن خطي جي صورتحال، امن ۽ سيڪيورٽي کي فروغ ڏيڻ لاءِ مسلسل رابطن تي زور ڏنو، فيلڊ مارشل يو اي اي جو پاڪستان جي مسلسل حمايت تي شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته هي تعاون ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گهري تاريخي لاڳاپن جو مظهر آهي، فيلڊ مارشل پاڪستان ۾ اقتصادي ۽ سماجي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۾ اماراتي قيادت جي تعميري ڪردار جي تعريف ڪئي.

تبصرے بند ہیں۔