پي ايف ايف مختلف ٽيمن لاءِ ڪوچنگ اسٽاف کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي

لاهور : پاڪستان فٽبال فيڊريشن (پي ايف ايف) مختلف ٽيمن جي ڪوچنگ اسٽاف کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستان فٽبال ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان عيسيٰ خان کي پاڪستان انڊر 16 ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي، جعفر خان کي ساڳئي ٽيم جو گول ڪيپنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته محمد نديم ۽ ارشد خان کي اسسٽنٽ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي انڊر 16 ٽيم اپريل ۾ قازقستان ۾ يوئيفا ڊولپمينٽ ٽورنامينٽ کيڏندي.پي ايف ايف پاڪستان جي قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪوچ شهزاد انور کي پاڪستان انڊر 20 فٽبال ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو آهي. ڪراچي يونائيٽيڊ جو ڪوچ شيخ حمدان پڻ پاڪستان انڊر 20 فٽبال ٽيم جي ڪوچنگ پينل جو حصو آهي، جڏهن ته نعمان ابراهيم گول ڪيپنگ ڪوچ ۽ محمد حبيب اسسٽنٽ ڪوچ هوندا. پاڪستان جي انڊر 20 فٽبال ٽيم مارچ ۾ مالديپ ۾ SAFF انڊر 20 چيمپئن شپ ۾ حصو وٺندي. عديل رزاقي فيفا سيريز لاءِ قومي وومين فٽبال ٽيم جي ڪوچ طور واپس آئي آهي. هوءَ ايران جي سولماز عظيميا ۽ مهناز صادقي وومين ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف جو حصو آهي، جڏهن ته احسان الله پاڪستان وومين فٽبال ٽيم جي گول ڪيپنگ ڪوچ جي حيثيت سان برقرار آهي. ناصر اسماعيل ۽ وليد جاويد خان کي پاڪستان جي قومي ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪي نولبرٽو سولانو سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهن. اي ايف سي لائسنس اي ڪوچ محمد اسلم خان کي پاڪستان جي قومي فٽبال ٽيم جو گول ڪيپنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.

تبصرے بند ہیں۔