ممبئي: مشهور بالي ووڊ اسٽار سلمان خان جو ڀيڻيويو اداڪار آيوش شرما به ڪيترن ئي فلمي ستارن وانگر انتهاپسندي جو شڪار ٿي ويو ،نيوز ايجنسي موجب، بالي ووڊ اسٽار سلمان خان جي ڀيڻ ارپيتا خان جي مڙس آيوش شرما کي هڪ ڌمڪي واري اي ميل ملي آهي، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هي اي ميل لارنس بشنوئي گينگ سان لاڳاپيل ڪنهن شخص طرفان موڪلي وئي هئي. آيوش شرما کي مليل ڌمڪي هڪ ڀيرو ٻيهر بالي ووڊ اسٽارن ۾ پريشاني جي لهر پيدا ڪري ڇڏي آهي.واقعي جي تصديق ڪندي، ممبئي ڪرائم برانچ چيو ته آيوش شرما کي پروٽون ميل ذريعي ڌمڪي واري اي ميل ملي. پوليس اي ميل موڪليندڙ کي ڳولڻ ۽ ڌمڪي جي سببن کي ڳولڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته آفيسر اهو به طئي ڪري رهيا آهن ته ڄاڻايل اي ميل ملڪ جي اندر يا ٻاهر موڪلي وئي هئي.
تبصرے بند ہیں۔