ممبئي: نميبيا ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان گيرهارڊ ايراسمس خدشو ظاهر ڪيو آهي ته کيس ڀارت خلاف ميچ کان اڳ فلڊ لائيٽس هيٺ مشق جو موقعو نه ڏنو ويو.پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڀارت خلاف ميچ رات جو شيڊول هجڻ جي باوجود کيس پريڪٽس جو موقعو نه ڏنو ويو، اهو معلوم ناهي ته اهو ڇو ٿي رهيو آهي.گيرهارڊ ايراسمس چيو ته مون کي لڳي ٿو ته هندستاني رانديگرن کي ٻه ڀيرا فلڊ لائيٽس هيٺ مشق ڪرڻ جو موقعو مليو آهي، ڪينيڊين رانديگر رات جو ٽريننگ سيشن ۾ به حصو وٺي رهيا آهن، اهي جيڪو چاهين ٿا ڪري رهيا آهن.
تبصرے بند ہیں۔