تهران : آمريڪي عملدارن ايراني تيل ٽينڪرن کي قبضي ۾ وٺڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.هڪ آمريڪي اهلڪار موجب، ايران تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ تيل ٽينڪرن جي قبضي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.بهرحال، آمريڪي عملدارن کي ايران جي انتقام ۽ عالمي تيل مارڪيٽن تي اثر جو خوف آهي.ٻئي طرف، چابهار بندرگاهه تان خاموشي سان واپسي کانپوءِ هندستان به ايراني تيل ٽينڪرن کي قبضي ۾ ورتو.ايراني ميڊيا موجب، هندستاني ڪوسٽ گارڊ عرب سمنڊ ۾ سمگلنگ جي الزام ۾ ٽن تيل ٽينڪرن کي قبضي ۾ ورتو. ٽنهي تيل ٽينڪرن کي ممبئي کان تقريباً 100 ناٽيڪل ميل پري روڪيو ويو.ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته قبضي ۾ ورتل جهاز الجافزيه، اسفالٽ اسٽار ۽ اسٽيلر روبي ايران سان لاڳاپيل هئا.
تبصرے بند ہیں۔