عوام کان 11 روپين ۾ بجلي خريد ڪري عوام کي ئي 40 روپين ۾ وڪرو ڪرڻ ڪٿي جو انصاف آهي: علي ظفر

اسلام آباد:  پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي سينيٽر بيرسٽر علي ظفر نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) جي نيٽ بلگ بابت اعلان کي بم قرار ڏئي ڇڏيو.

پي ٽي آءِ جي سينيٽر علي ظفر چيو ته نيپرا عوام کان بجلي 11 روپيه في يونٽ ۾ خريد ڪندي پر حڪومت عوام کي 40 روپيه في يونٽ ۾ وڪرو ڪندي اهو ڪٿان جو انصاف آهي؟ هن چيو ته عوام سان واعدو ڪيو ويو هو ته سولر لڳايو اوهان کي فائدو ٿيندو، ماڻهن قرض کڻي سولر پينل لڳايا، لکين روپيه پينلز تي سرمائيڪاري ڪئي.

هن چيو ته وفاقي وزير جواب ڏنو ته اسان هرگز عوام سان ائين نٿا ڪري سگهون، حڪومت جواب ڏيندي اسان ڪجهه نه ڪري رهيا آهيون، نيپرا آزاد ادارو آهي جنهن اهو سڀ ڪيو آهي.

پي ٽي آءِ سينيٽر اهو به چيو ته نيپرا آزاد نه آهي، نيپرا اهائي پاليسي ٺاهيندو آهي جنهن جي حڪومت هدايت ڏيندي آهي. آءِ پي پيز بيشڪ بجلي پيدا نه به ڪري تڏهن به انهي کي پئسا ڏنا ويندا آهن.

هن چيو ته اهو عوام تي بم آهي، نيپرا جي چيئرمين کي سينيٽ ۾ گهرايو، جيڪڏهن نيپرا ڪوبه فيصلو ڪيو آهي ۽ حڪومت چئي ته اسان بيوس آهيون ته حڪومت فوري طور تي قانونسازي ڪري وٺي.

 

تبصرے بند ہیں۔