اسلام آباد:پاڪستاني شهرين کي صلاح ڏني وئي آهي ته سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايران جو غير ضروري سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن.پرڏيهي آفيس پاڪستاني شهرين کي چيو آهي ته صورتحال بهتر ٿيڻ تائين غير ضروري طور تي ايران جو سفر نه ڪن.ايران ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين کي صلاح ڏني وئي آهي ته اهي انتهائي محتاط، هوشيار ۽ غير ضروري حرڪت گهٽ ڪن.پرڏيهي آفيس چيو ته ايران ۾ رهندڙ پاڪستاني شهري پاڪستاني سفارتي مشنن سان مسلسل رابطي ۾ رهن.تهران ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ زاهدان ۽ مشهد ۾ قونصل خانن جا ايمرجنسي نمبر جاري ڪيا ويا آهن. پرڏيهي آفيس ايران ۾ پاڪستانين کي صلاح ڏني آهي ته اهي پنهنجي حفاظت کي ترجيح ڏين.
تبصرے بند ہیں۔