زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ميزائل جو ڪامياب تجربو

راولپنڊي:  پاڪ بحريه زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو جڏهن ته پاڪستان نيوي بحيره عرب ۾ هڪ جامع بحري مشق جي ذريعي پنهنجي آپريشنل تياري ۽ جنگي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب تبديل ٿيندڙ بحري جنگي حڪمت عملي جي گهرجن موجب انهي مشق ۾ روايتي ۽ بنا پائلٽ جي نظامن جي صلاحيتن کي ڪاميابي سان آزمايو ويو. مشق جي دوران پاڪستان نيوي جديد فضائي دفاعي نظام جي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي عمودي لانچنگ سسٽم تان ايل وائي -80(اين) زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ميزائل جو ڪامياب لائيو فائر ڪيو.توسيع ٿيل فاصلي تي فائر ڪيل ميزائل فضائي حدف کي ڪاميابي سان نشانو بناي تباهه ڪيو. مشق پاڪستان نيوي جي جديد ڊگهي فاصلي تائين موثر فضائي دفاعي نظام جي تصديق ٿي. بيان موجب مشق ۾ جديد لونٽرنگ ميونيشن جي ذريعي سطح آب جي حدف کي به ڪاميابي سان نشانو بنايو ويو. لونٽرنگ ميونزيشن درستگي سان حدف کي تباهه ڪري پاڪستان نيوي جي پريسيزن اسٽرائيڪ صلاحيتن جو واضح ثبوت فراهم ڪيو.پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته جيڪي جديد بحري جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن بنا پائلٽ سطحي بحري جهاز(ان مينڊ سرفيس ويسل) جا ڪامياب کليل سمنڊ ۾ آزمائشي تجربا به ڪيا ويا. آءِ ايس پي آر چيو ته جيڪي خودڪار بحريه ٽيڪنالاجي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي. انهن تجربن جي دوران پليٽ فارم جي تيز رفتار ڪارڪردگي، انتهائي ڦڙتي، صحيح نيويگيشن ۽ سخت موسمي حالتن ۾ موثر صلاحيتن جو ڪامياب مظاهرو ڪيو ويو.يو ايس وي کي گهٽ خطري ۽ وڌيڪ اثر رکندڙ اسٽيلٿ ٽيڪنيڪل انٽرسيپئر قرار ڏنو ويو آهي، مشق جو مشاهدو ڪمانڊر پاڪستان فليٽ ڪيو. پاڪستان نيوي جي جديد نظامن جي موثر استعمال جي ڀرپور صلاحيت کي اجاگر ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف، نشان امتياز(ملٽري) آفيسرن جوانن جي پيشه وارانه مهارت ۽ عملي قابليت جي تعريف ڪئي. پاڪستان نيوي هر صورت ۾ پاڪستان جي بحري دفاع ۽ قومي سامونڊي مفادن جي تحفظ کي يقيني بنائيندا رهنداسين.

تبصرے بند ہیں۔